مولانا عبدالله لغاري

مولانا عبدالله لغاري

عبدالله لغاري مولانا

عبدالله لغاري، مولانا: نامور عالم ۽ تحريڪ آزاديءَ جو اهم رڪن، مولانا عبدالله ولد نهال خان لغاري، 1288هه/ 1871ع ڌاري ڳوٺ داد لغاري، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي ديني تعليم محمد امين لغاريءَ وٽان ڳوٺ مان، بعد ۾ نوشهرو فيروز ۾ مولوي عبدالقادر پنوهاري واري، قاضي محمد عالم، قاضي عبدالرئوف، قاضي عبدالحفيظ ۽ مولوي فيض الڪريم، ڊڀري ۾ مخدوم غلام محمد، ڳوٺ تڳڙن ۾ مولوي عبدالقدوس وٽ، ڪراچيءَ ۾ ۽ مولوي عبدالله ميمڻ وٽ عربي فارسيءَ جي تعليم حاصل ڪئي. جنهن بعد مولوي سلطان محمود محدث ملتاني، مولوي عبدالرشيد بهاولپوري، مولوي محمد عاقل جلالپوري ۽ مولوي الاهي بخش عمرپوريءَ وٽ تعليم حاصل ڪري دستاربند ٿيو. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد مولانا عبدالله لغاري امروٽ شريف اچي مولانا عبيدالله سنڌيءَ جي رفاقت ۾ درس تدريس ۽ اشاعت جو ڪم ڪيو. ان بعد جڏهن پير جهنڊي ۾ ‘دارالرشاد’ جي نالي سان مدرسو قائم ٿيو ته هن ان جو ‘نائب مهتمم’ ٿي ڪم ڪيو. مولوي عبدالله پنهنجي ڄمار جو ڳچ عرصو مولانا عبيدالله سنڌيءَ سان گڏ گذاريو. مولانا عبدالله لغاري پهرين صف جي عالم سياستدانن مان هڪ هو. مولانا صاحب، پنهنجي سياسي استاد مولانا عبيدالله سنڌيءَ ۽ مولانا محمد صادق کڏي واري سان گڏ ‘دارالعلوم ديوبند’ ويو، ۽ اتي شيخ الهند مولانا محمود الحسن سان پڻ ملاقات ڪئي. شيخ الهند جي صلاح تي جڏهن عبيدالله سنڌي آگسٽ 1915ع ۾ افغانستان ڏانهن سفر جو آغاز ڪيو ته مولانا عبدالله لغاري به ساڻس گڏ هو. هن سياسي زندگيءَ جي شروعات خلافت تحريڪ ۾ رڪن طور ڪئي. هيءُ هن تحريڪ جو اهم سرگرم ڪارڪن هو. ڪجهه وقت کان پوءِ سندس ئي حڪم تي سنڌ واپس آيو. ريشمي رومال تحريڪ ۾ سرڪار جڏهن گرفتاريون عمل ۾ آنديون ته مولانا عبدالله گرفتار ٿيو. مولانا عبيدالله افغانستان ۾ ‘جنود ربانيه’ جي نالي فوج قائم ڪئي ته مولانا عبدالله لغاريءَ کي ان فوج ۾ ڪرنل جو عهدو ڏنو ويو. مولانا عبيدالله خلافتي عالمن جو ساٿ ڏيندي ڪيترن ئي فتوائن جي تصديق ڪئي. مولانا جمعيت العلماءِ جي ميدان تان پڻ وطن جي آزاديءَ لاءِ جاکوڙيندو رهيو.
عبدالله لغاري هاري ڪميٽيءَ ۾ پڻ رهيو ۽ هارين جي حقن لاءِ جدوجهد ڪيائين. 1939ع ۾ مولانا ’جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي’ جو بنياد رکيو ته هيءُ ان جو سرگرم ڪارڪن رهيو ۽ خدمتون سرانجام ڏنائين. هن 4 ربيع الاول 1378هه مطابق 18 سيپٽمبر 1958ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1958.09.18  عيسوي

مولانا عبدالله ولد نهال خان لغاري، 1288هه/ 1871ع ڌاري ڳوٺ داد لغاري، تعلقي ميرپور ماٿيلي، ضلعي گهوٽڪيءَ ۾ پيدا ٿيو.هن 4 ربيع الاول 1378هه مطابق 18 سيپٽمبر 1958ع تي وفات ڪئي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چانڊيو عبدالحق مولانا
شيخ نوح هوٿياڻي
مولانا عبدالصمد هاليجوي
قاضي محمد جعفري ٺٽوي
ابڙو اضعف ھالائي
ڏيرو مولانا احمد علي مشتاق
احمد خان جمالي مولانا
سيد امير محمد شاهه
سرفراز احمد ڀٽي ڊاڪٽر
شهاب الدين نهڙي مولوي
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون